لالا موهن داس سيوستاني

لالا موهن داس سيوستاني : لالا موهن داس سيوستاني سيوهڻ جي هندن مان عالم شخص ٿي گذريو آهي. ميان عطر خان ڪلهوڙي هن کان ٻارهن جلدن ۾ سنڌ جي تاريخ تصنيف ڪرائي هئي، جنهن جو نالو ’نگيران سنڌ‘ رکيو ويو هو. هر هڪ جلد جدا جدا عنوانن هيٺ آهي، مثال طور هڪ جلد سياسي تاريخ بابت، ٻيو جلد جاگرافيءَ بابت، ٽيون جلد سنڌ جي قومن بابت، اهڙيءَ طرح 12 ئي جلد سنڌ جي تاريخ لاءِ عظيم الشان سرمايو آهن. لالا موهن داس جي قابليت متعلق محقق لکن ٿا ته هن سنڌ جي ولين ۽ سنڌ جي قصن ڪهاڻين کي محققانه انداز ۾ پيش ڪيو آهي. مصنف جو انداز بيان ۽ ترتيب ڪتاب ’آئين اڪبري‘ جهڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو